رسوَل 2

رسوَل (وکر): رسوَل هڪ قسم جي جهنگلي ٻوٽي ٿئي ٿي، جيڪا گهڻو ڪري حڪيم، طبيب پنهنجي دوائن ۾ ڪتب آڻيندا آهن. رسوَل ذائقي ۾ حد کان وڌيڪ کاري (ڪڙي) ٿئي ٿي. ٻهراڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن رسول جو استعمال ٿئي ٿو. خاص طور تي عورتون ٻارن کي ٿڃ ڇڏائڻ واري مرحلي ۾ رسوَل ڪتب آڻينديون آهن. سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن جيئن ماکيءَ کي محبت سان تشبيهه ڏني آهي، تيئن وري رسوَل کي ڪلفت سان ڀيٽ ڏني آهي. سنڌ جي مشهور شاعر استاد بخاريءَ جو شعر آهي:
ڪلفت ڪٺي ڪرڻ کان الفت رتي چڱي آ،
رسوَل رکي چڱي آ، ماکي چکي چڱي آ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو